سوارا ڀاسڪر پاران فاطمه ڀٽو کي شادي جون مبارڪون

تازو ئي شاديءَ جي ٻنڌڻ ٻڌجڻ واري پيپلز پارٽي جي باني ۽ اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو جي پوٽي ۽ مير مرتضيٰ ڀٽو جي ڌيءَ فاطمه ڀٽو کي بالي ووڊ اداڪارا سوارا ڀاسڪر شاديءَ جون مبارڪون ڏنيون آهن.

مائيڪرو بلاگنگ سائيٽ ٽوئيٽر تي ڀارتي اداڪارا ٽوئيٽ ڪندي فاطمه ڀٽو کي شادي جي مبارڪباد ڏني.

هن ٽوئيٽ ڪيو، مبارڪون فاطمه! توهان ٻئي گڏ هجو ۽ سڄي زندگي خوش رهو، ڀارتي اداڪارا پاران نيڪ خواهشن جي جواب ۾ فاطمه ڀٽو به سندس شڪريو ادا ڪيو.

ياد رهي ته فاطمه ڀٽو 28 اپريل 2023ع تي آمريڪي شهري گراهم بائرا (جبران) سان شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي وئي هئي، سندن شادي جي مختصر ۽ سادگي واري تقريب سندس اباڻي گهر 70 ڪلفٽن ۾ ٿي، جنهن ۾ ويجهن مٽن مائٽن ۽ دوستن شرڪت ڪئي.

Read Previous

عاليا ڀٽ جو پنهنجي ڌيءَ راها کانسواءِ وقت ڪيئن گذاري ٿو؟

Read Next

تحريڪ انصاف لاءِ عالمي لاڳاپن سميت سڀ ڪجهه راند آهي، وزيراعظم

Most Popular