تحريڪ انصاف لاءِ عالمي لاڳاپن سميت سڀ ڪجهه راند آهي، وزيراعظم

Prime Minister Muhammad Shehbaz Sharif addressing during the visit of under construction Imamia Colony Railway Crossing Flyover, Shahdara. Lahore, 15th of April, 2023.

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته عالمي لاڳاپن سميت سڀ ڪجهه تحريڪ انصاف لاءِ راند آهي.

ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پي ٽي آءِ پاران ڀارت ۾ ٿيندڙ شنگهائي سهڪاري اجلاس ۾ پاڪستان جي شرڪت کي تڪراري بڻائڻ جي ڪوشش پريشان ڪندڙ آهي پر اها حيرت جي ڳالهه ناهي.

وزيراعظم وڌيڪ چيو ته عمران نيازي ماضي ۾ به ملڪ جي پرڏيهي پاليسي جي مفادن کي نقصان پهچائڻ ۾ ڪو شرم محسوس نه ڪيو.

ميان شهباز شريف چيو ته هن اقتدار ۾ رهندي به ائين ڪيو آهي، بين الاقوامي لاڳاپن سميت سڀ ڪجهه پي ٽي آءِ لاءِ راند آهي.

Read Previous

سوارا ڀاسڪر پاران فاطمه ڀٽو کي شادي جون مبارڪون

Read Next

بلاول ڀارت مان خواري کانسواءِ ٻيو ڇا کڻي آيو، اسد عمر

Most Popular