بلاول ڀارت مان خواري کانسواءِ ٻيو ڇا کڻي آيو، اسد عمر

لاهور: پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد عمر پرڏيهي وزير جي ڀارتي دوري تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته بلاول ڀارت مان ذلت کانسواءِ ڪجهه نه کڻي آيو آهي.

لاهور ۾ ڳالهائيندي اڳوڻي وفاقي وزير اسد عمر چيو ته ڀارت جي هٿ ملائڻ کانسواءِ هي اتي پهچي ويو، اتي پهچڻ کان پوءِ به ڀارت هٿ نه وڌايو، اهي نمستا چئي واپس موٽي آيو.

هن چيو ته اهي صرف ٻاهرين آقا کي خوش ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ته ڏسو ته اسان ڪيترا تابعدار آهيون. بلاول ڀارت مان ذلت ڪمائڻ کانسواءِ ٻيو ڇا کڻي آيو آهي؟

هوڏانهن پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ اڳوڻي سڌ سماءَ واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته بلاول ڀٽو پرڏيهي وزير هجي يا سياحت جو وزير، هو پنهنجي ڪيٽ واڪ لاءِ ڀارت ويو.

Read Previous

تحريڪ انصاف لاءِ عالمي لاڳاپن سميت سڀ ڪجهه راند آهي، وزيراعظم

Read Next

عامر خان بلاڪ بسٽر فلم ”گجني“ جو سيڪوئل ٺاهي رهيو آهي؟

Most Popular