وڏي وزير اداڪارا شبيران چنا جي علاج جي هدايت ڪري ڇڏي

وڏي وزير مراد علي شاهه مشهور ٽي وي فنڪارا شبيران چنه ۽ سندس ڌيءَ ناديا چنا جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرائڻ جي هدايت ڪئي آهي.

ترجمان موجب سنڌ جي وڏي وزير چيو آهي ته مشهور ٽي وي فنڪار شبيران چنا هڪ بهترين اداڪاره آهي.

وڏي وزير شبير چنه جي علاج لاءِ صحت کاتي کي سموريون بهترين سهولتون فراهم ڪرڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن.

سنڌ جي ثقافت واري وزير سردار شاهه به اداڪارا جي علاج جي سفارش ڪري ڇڏي، سنڌ جي صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو جي هدايت تي ڊائو اسپتال کي خط جاري ڪيو ويو.

واضح رهي ته 24 اپريل تي سڪرنڊ ڀرسان گاڏيءَ سان حادثي سبب مشهور سنڌي اداڪاره شبير چنا 2 ساٿين ناديه چنا ۽ غني چنا سميت سخت زخمي ٿي پئي هئي.

اطلاع ملڻ تي ريسڪيو اهلڪارن زخمين کي تعلقي اسپتال پهچايو.

Read Previous

پنجاب اسيمبلي بحال ڪرڻ واري درخواست رد، درخواستگذار تي هڪ لک رپيا ڏنڊ

Read Next

سجل علي ۽ احد رضا مير پاران هڪ ئي شادي ۾ شرڪت مداحن کي حيران ڪري ڇڏيو

Most Popular