ون ڊي رينڪنگ ۾ نمبر ون وڃائڻ افسوس جوڳو آهي، شاداب خان

ڪراچي: پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي نائب ڪپتان شاداب خان چيو آهي ته ون ڊي رينڪنگ ۾ نمبر ون وڃائڻ افسوس جوڳو آهي، ورلڊ ڪپ لاءِ رينڪنگ اهم ناهي.

هڪ ٽي وي چينل کي خصوصي انٽرويو ڏيندي شاداب خان چيو ته نيوزيلينڊ خلاف سيريز ورلڊ ڪپ جي تيارين جو سٺو موقعو آهي.

هن چيو ته ورلڊ ڪپ کان اڳ انهن ٻنهي ڪمزورين کي دور ڪرڻو پوندو، فيلڊنگ ۾ به بهتري جي گنجائش موجود آهي.

هن چيو ته وڌيڪ ٽي 20 کيڏڻ سبب ون ڊي ميچن ۾ فيلڊنگ دوران ڪڏهن ڪڏهن انرجي ليول گهٽجي ويندي آهي، وچ وارن اوورن ۾ منهنجو ڪم وڪيٽون وٺڻ هوندو آهي، جنهن ۾ گهڻي ڪاميابي نه ملي آهي.

Read Previous

وڪيٽون جلد ڪري وڃڻ سبب هدف تائين پهچي نه سگهياسين: بابر اعظم

Read Next

هڪ بال يا 50 اوور، صورتحال موجب کيڏڻو پوندو آهي، افتخار احمد

Most Popular