هڪ بال يا 50 اوور، صورتحال موجب کيڏڻو پوندو آهي، افتخار احمد

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي مڊل آرڊر بيٽسمين افتخار احمد جو چوڻ آهي ته انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ۾ هڪ بال يا 50 اوور کي صورتحال موجب کيڏڻو پوندو آهي.

ڪراچي ۾ کيڏيل سيريز جي آخري ون ڊي ميچ ۾ نيوزيلينڊ هٿان شڪست کانپوءِ ڳالهائيندي بيٽسمين افتخار احمد چيو ته هنن غلطيون ڪيون ۽ وڪيٽون وڃايون، ٻي صورت ۾ هو ميچ کٽي وڃن ها.

افتخار احمد چيو ته ٽاپ رانديگر جلد آئوٽ ٿي وڃڻ ڪري ڏکيائي ٿئي ٿي، حارث بدقسمتيءَ سان رن آئوٽ ٿيو، ٻي صورت ۾ هو ان کي آخر تائين وٺي وڃي ها.

هن چيو ته وائيٽ بال تي 10 يا 12 جي ايوريج آخري اوورز ۾ مشڪل نه هوندي آهي، هڪ طرفي هوا هئي، جيڪڏهن اهي آخر تائين وڃن ها ته آرام سان کٽي وڃن ها.

افتخار چيو ته هن انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ۾ هميشه ڇهين، ستين ۽ آخري نمبر تي بيٽنگ ڪئي.

Read Previous

ون ڊي رينڪنگ ۾ نمبر ون وڃائڻ افسوس جوڳو آهي، شاداب خان

Read Next

پاڪستان ۾ رتوڇاڻ ۽ ڏڦيڙ نه ٿا چاهيون: امير متقي

Most Popular