ڪراچي ۾ جلاءُ گهيراءُ: اکين ڏٺن شاهدن جا بيان عدالت ۾ رڪارڊ

9 مئي تي ڪراچي ۾ شارع فيصل تي باهه ۽ جلاءُ گهيراءُ جي مختلف واقعن جي ٻن اکين ڏٺن شاهدن جا بيان رڪارڊ ڪيا ويا.

جوڊيشل مئجسٽريٽ ڏکڻ ۾ 9 مئي تي شارع فيصل تي باهه لڳائڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.

شاهد جو چوڻ هو ته 9 مئي تي مڇريل ماڻهو شارع فيصل تي آيا، گاڏين تي پٿراءُ ڪيو، کين باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو.

هن عدالت کي ٻڌايو ته شارع فيصل تي رينجرز جي پوسٽ کي باهه ڏني وئي، پوليس موجب شاهدن رينجرز پوسٽ کي باهه ڏيڻ واري پيءُ ۽ پٽ کي به سڃاڻي ورتو آهي.

ٻئي طرف 9 مئي تي شارع فيصل تي رينجرز چيڪ پوسٽ کي باهه ڏيندڙ پيءُ پٽ کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.

عدالت عبدالحميد ۽ سندس پٽ کي جوڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو ۽ ڪيس جي جاچ آفيسر کان چالان به طلب ڪري ورتو.

Read Previous

پي ٽي آءِ پاران ڪراچي جي ميئر لاءِ حافظ نعيم جي حمايت جو فيصلو

Read Next

جماعت اسلامي سان به ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، ميئر پيپلز پارٽي جو هوندو، ناصر شاهه

Most Popular