سوشل ميڊيا تي پاڪستاني اداڪار عمران عباس جي سلمان خان سان ڀيٽ ٿيڻ لڳي

سوشل ميڊيا صارفين پاڪستان شوبز انڊسٽري سان لاڳاپيل خوبصورت اداڪار عمران عباس جي ڀيٽ بالي ووڊ جي دبنگ اداڪار سلمان خان ۽ پاڪستاني صدا بهار اداڪاره ماه نور بلوچ سان ڪري رهيا آهن.

تازو ئي هڪ بلاگر جيو ٽي وي تي نشر ٿيندڙ ڊرامي احرام جنون جو اسڪرين شاٽ شيئر ڪيو ۽ ان جي باري ۾ لکيو ته اداڪار عمران عباس پاڪستاني ڊراما انڊسٽري جو سلمان خان آهي، نه ته سندس عمر ۽ نه ئي سندس شخصيت ۾ ڪا تبديلي آئي آهي.

سندس چوڻ آهي ته سلمان خان وانگر 40 ورهين جو عمران عباس به اڄ به هيرو جي ڪردار ۾ نظر اچي رهيو آهي.

سوشل ميڊيا جي مختلف پليٽ فارمن تي تبصرن ۾ مٿين وائرل اسڪرين شاٽ تي تبصرو ڪندي سوشل ميڊيا صارفين گڏيل جذبات جو اظهار ڪيو.

Read Previous

فلم ڊان جي ٽئين سيڪوئل ۾ شاهه رخ خان جي جاءِ رنوير سنگهه وٺي ڇڏي

Read Next

عفت عمر جي نئين وائرل تصويرن تي انٽرنيٽ استعمال ڪندڙن جي تنقيد

Most Popular