فلم ڊان جي ٽئين سيڪوئل ۾ شاهه رخ خان جي جاءِ رنوير سنگهه وٺي ڇڏي

بالي ووڊ ڪنگ شاهه رخ خان پاران ايڪشن سان ڀرپور سيريز ”ڊان“ جي ٽئين سيڪوئل ”ڊان 3“ کي رد ڪرڻ کانپوءِ سندس جاءِ تي اداڪار رنوير سنگهه کي شامل ڪيو ويو آهي.

ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب تازو ئي پروڊيوسر رتيش سڌواڻي ڊان 3 جو اسڪرپٽ مڪمل ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي، جنهن کان پوءِ اهي خبرون آهن ته شاهه رخ خان ڊان 3 ۾ ڊان جي روپ ۾ نظر نه ايندو.

ڀارتي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته ڊان 3 ۾ شاهه رخ خان بدران اداڪار رنوير سنگهه کي فلم ۾ مرڪزي ڪردار لاءِ ڪاسٽ ڪيو ويو آهي.

واضح رهي ته فلم ڊان جي هدايتڪاري اداڪار ۽ فلمساز فرحان اختر ڪئي هئي ۽ اها باڪس آفيس تي بلاڪ بسٽر ثابت ٿي هئي.

Read Previous

منهنجي شادي تي رڳو ڏيڍ لک رپيا خرچ ٿيا، امرتا رائو جو انڪشاف

Read Next

سوشل ميڊيا تي پاڪستاني اداڪار عمران عباس جي سلمان خان سان ڀيٽ ٿيڻ لڳي

Most Popular