عفت عمر جي نئين وائرل تصويرن تي انٽرنيٽ استعمال ڪندڙن جي تنقيد

اڳوڻي پاڪستاني اداڪارا، ماڊل ۽ ميزبان عفت عمر جي مختصر لباس تي انٽرنيٽ صارفين طرفان سخت تنقيد ڪئي پئي وڃي.

ميزبان عفت عمر پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ انسٽاگرام تي ڪجهه تصويرون اپ لوڊ ڪيون آهن.

انهن تصويرن ۾ اداڪارا کي آمريڪي رياست ٽيڪساس ۾ گھمڻ ۽ دوستن سان ملاقات ڪندي ڏسي سگهجي ٿو.

انهن تصويرن ۾ عفت عمر کي پاڪستاني روايتن جي ابتڙ مختصر ڪارو لباس پهريل آهي.

اداڪارا جي انهن تصويرن تي انٽرنيٽ استعمال ڪندڙن جو چوڻ آهي ته عفت عمر کي پنهنجي عمر مطابق لباس ڏيڻ گهرجي جڏهن ته ڪجهه جو چوڻ آهي ته عفت عمر کي ملڪ کان ٻاهر به پنهنجي روايتن کي نه وسارڻ گهرجي.

Read Previous

سوشل ميڊيا تي پاڪستاني اداڪار عمران عباس جي سلمان خان سان ڀيٽ ٿيڻ لڳي

Read Next

واٽس ايپ 6 اينيميٽڊ ايموجيز پيش ڪري ڇڏيا

Most Popular