عمران خان جي گرفتاري تي افسوس ٿيو ته عمران اسماعيل پنهنجون گاڏيون ساڙي ها: ڪامران ٽيسوري

سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري چيو آهي ته جيڪڏهن پي ٽي آءِ اڳواڻن کي عمران خان جي گرفتاري تي ايترو افسوس هجي ها ته عمران اسماعيل سندس گاڏيون ساڙي ها ۽ اسد عمر سندس گهر کي باهه ڏئي ها.

ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪامران ٽيسوري چيو ته عمران خان جي پويان جيڪو هٿ هو، اهو پري ٿي ويو آهي، ڏسندؤ ته پي ٽي آءِ اڳواڻ به پنهنجو ساٿ ڇڏي ڏيندا.

هنن جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ ڪارڪنن کي لالچون ڏنيون ويون، ٻاهرين سازش جو حصو بڻجي جناح هائوس کي ساڙيو ويو.

گورنر سنڌ وڌيڪ چيو ته مان عوام کي يقين ڏيان ٿو ته سنڌ جي گورنر جي حيثيت سان جيڪو به ٿي سگهيو اهو ڪندس، 9 مئي جو واقعو خوفناڪ آهي جيڪڏهن توهان سوچيو ته 9 مئي تي هزارين موٽرسائيڪلن کي ساڙيو ويو.

Read Previous

سنڌ جي وڏي وزير ميئر ڪراچي جي حوالي سان مذاق ڪيو: وقار مهدي

Read Next

ڪراچي جي ماڻهن جي صحيح ڳڻپ نه ٿي رهي آهي، مصطفيٰ ڪمال

Most Popular