ڪراچي جي ماڻهن جي صحيح ڳڻپ نه ٿي رهي آهي، مصطفيٰ ڪمال

متحده قومي موومينٽ پاڪستان جي اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته ڪراچي ۾ جيڪو به ميئر بڻجي ايندو اهو ڪم نه ڪندو.

ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته پيپلز پارٽي پاران 53 يونين ڪائونسلون ختم ڪيون ويون، اسان جي اليڪشن نه وڙهڻ سبب 53 يونين ڪائونسلون واپس آيون، اسان کي اها بلدياتي اليڪشن قبول ناهي.

هن چيو ته ڪراچي جي ماڻهن جي صحيح ڳڻپ نه ٿي رهي آهي، ميڊيا رپورٽن موجب ڪراچي ۾ 98 سيڪڙو مردم شماري مڪمل ٿي چڪي آهي.

مصطفيٰ ڪمال جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن اهي اسان کي سهولتون نه ڏئي رهيا آهن ته گهٽ ۾ گهٽ اسان کي ڳڻين، 75 سالن کانپوءِ به اسان جي صحيح ڳڻپ نه ٿي رهي آهي.

ايم ڪيو ايم اڳواڻ وڌيڪ چيو آهي ته ڪراچي جي سمورن ماڻهن کي ڳڻيو وڃي ته ڪهڙو مسئلو ٿيندو؟

Read Previous

عمران خان جي گرفتاري تي افسوس ٿيو ته عمران اسماعيل پنهنجون گاڏيون ساڙي ها: ڪامران ٽيسوري

Read Next

9 مئي سانحو: ڪنهن به بيگناهه سان زيادتي نه ٿيندي ۽ ڪوبه وڳوڙي بچي نه سگهندو: وزيراعظم

Most Popular