سنڌ جي وڏي وزير ميئر ڪراچي جي حوالي سان مذاق ڪيو: وقار مهدي

پيپلز پارٽي جي سينيٽر وقار مهدي جو چوڻ آهي ته سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ميئر ڪراچي بابت مذاق ڪيو آهي.

وقار مهدي پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته مراد علي شاهه مذاق ڪندي چيو هو ته ميئر اهو ٿيندو جنهن کي پارٽي ميئر لاءِ نامزد ڪندي.

هن اهو به چيو ته اسان جي 6 يا 7 ماڻهن ميئر لاءِ درخواستون جمع ڪرايون آهن، پيپلز پارٽي جي حڪومتي ۽ تنظيمي ڌڙن ۾ ڪو به فرق ناهي.

واضح رهي ته سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه پنهنجي پريس ڪانفرنس ۾ چيو هو ته ميئر انهيءَ ئي ڪمري ۾ موجود هو ۽ مرتضيٰ وهاب به اتي موجود هو.

Read Previous

عمران خان پاران گيت عورتن کي همٿائڻ لاءِ استعمال ڪرڻ منهنجي لاءِ اعزاز آهي، عاصم اظهر

Read Next

عمران خان جي گرفتاري تي افسوس ٿيو ته عمران اسماعيل پنهنجون گاڏيون ساڙي ها: ڪامران ٽيسوري

Most Popular