9 مئي سانحو: ڪنهن به بيگناهه سان زيادتي نه ٿيندي ۽ ڪوبه وڳوڙي بچي نه سگهندو: وزيراعظم

شهباز شريف

لاهور: وزيراعظم شهباز شريف کي 9 مئي تي حملي ۾ ملوث ماڻهن جي گرفتارين ۽ انهن خلاف قانوني ڪارروائي بابت بريفنگ ڏني وئي، وزيراعظم چيو ته ڪنهن به بيگناهه سان زيادتي نه ڪئي ويندي پر ڪو به مجرم سزا کان بچي نه سگهندو.

لاهور ۾ وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پنجاب جي نگران وڏي وزير، سڪيورٽي عملدارن شرڪت ڪئي.

وزيراعظم چيو ته ڪنهن به بيگناهه سان زيادتي نه ڪئي ويندي پر ڪو به وڳوڙي سزا کان بچي نه سگهندو.

اجلاس ۾ آڊيو ليڪس واري معاملي تي به غور ڪيو ويو، جنهن تي وزيراعظم چيو ته عدالتي ڪميشن جي رپورٽ اچڻ بعد کير جو کير ۽ پاڻي جو پاڻي ٿي ويندو.

Read Previous

ڪراچي جي ماڻهن جي صحيح ڳڻپ نه ٿي رهي آهي، مصطفيٰ ڪمال

Read Next

عمران خان کي ڪارڪنن جي نه پر پنهنجو ۽ زال جو فڪر آهي، ايمان مزاري

Most Popular