چوڌري وجاهت حسين جو پي ٽي آءِ ڇڏي ق ليگ ۾ واپسي جو اعلان

لاهور: پاڪستان مسلم ليگ (ق) جي سربراهه چوڌري شجاعت حسين جي ننڍي ڀاءُ چوڌري وجاهت حسين پي ٽي آءِ ڇڏي ق ليگ ۾ واپسي جو اعلان ڪري ڇڏيو.

لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چوڌري وجاهت حسين چيو ته سڄو پاڪستان فوجي اڏن تي حملن جي مذمت ڪري رهيو آهي، اسان جي خاندان سان ڪڏهن به اهڙو رويو ناهي رهيو.

هن چيو ته مان ڪڏهن به ڪنهن پارٽي ۾ شامل نه ٿيو آهيان، ڪجهه خاندان وارا جيڪي ٻي پارٽي ۾ آهن انهن کي ڀليڪار ڪنداسين.

ان کان اڳ چوڌري وجاهت حسين ۽ سندس پٽ مسلم ليگ ق جي سربراهه چوڌري شجاعت حسين سان ملاقات ڪئي.

ان موقعي تي چوڌري شجاعت حسين چوڌري وجاهت حسين جو استقبال ڪيو.

ميڊيا سان ڳالهائيندي چوڌري شجاعت حسين چيو ته هو چوڌري وجاهت کي مسلم ليگ هائوس اچڻ تي ڀليڪار ڪن ٿا، ملڪ کي ٽوڙڻ بدران گڏجڻ جي سياست جي ضرورت آهي.

ق ليگ سربراهه چوڌري شجاعت حسين جو به چوڻ آهي ته هن وقت اسان کي گڏجي پاڪستان کي معاشي مشڪلاتن مان ڪڍڻو آهي.

Read Previous

ڪراچي ۾ پاڪستان زنده آباد موومينٽ پاران پاڪ فوج سان ايڪي جي اظهار لاءِ ريلي

Read Next

چوڌري پرويز الاهي ڪيڏانهن ويو؟ گذريل رات کان رابطو ناهي ٿيو، خانداني ذريعا

Most Popular