وهاج علي ڪهڙي اداڪارا سان وڏي اسڪرين تي ڊيبيو ڪندو؟

مشهور پاڪستاني اداڪار ۽ ماڊل وهاج علي جلد ئي اداڪارا ۽ ڳائڻي مهوش حيات سان گڏ وڏي اسڪرين تي نظر ايندو.

جيو انٽرٽينمينٽ جي ڊرامي سيريل ”تيري بن“ ۾ مرڪزي ڪردار ”مرتسم“ جو ڪردار ادا ڪري شهرت جي نئين بلندين تي پهتل اداڪار وهاج علي سلور اسڪرين تي ڊيبيو ڪرڻ لاءِ تيار آهي.

اداڪار جلد ئي مهوش حيات سان گڏ ايندڙ پاڪستاني فلم ”تيري منهنجي ڪني“ ۾ نظر ايندو.

فلم جي ٻي ڪاسٽ ۾ زاهد احمد، آمنه الياس، شهريار منور، رمشا خان، هارا ماني، سلمان ثاقب خان (ماني) سميت ٻيا ڪيترائي مشهور اداڪار شامل آهن.

Read Previous

ثقلين مشتاق جو پنهنجي ناٺي شاداب خان کي مشورو

Read Next

ميوزڪ انڊسٽري ۾ 20 سال مڪمل ٿيڻ تي علي ظفر پاران ٻيهر”چل دل ميري“گانو پيش

Most Popular