اسپيس ايڪس جو خانگي مشن اڄ انٽرنيشنل اسپيس اسٽيشن لاءِ روانو ٿيو.
نجي خلائي اڏام فلوريڊا ۾ ناسا جي ڪينيڊي اسپيس سينٽر کان روانو ٿيو، آمريڪي ميڊيا موجب خانگي خلائي مشن ۾ سعودي عورت سميت 4 ڄڻا شامل آهن.
اسٽيم سيل جي محقق ريانا برناوي پهرين سعودي عورت آهي، جنهن خلا ۾ سفر ڪيو.
آمريڪي ميڊيا جو چوڻ آهي ته خانگي خلائي مشن انٽرنيشنل اسپيس اسٽيشن تي هڪ هفتو گذاريندو.