اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اسد عمر کي فوري طور آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد هائي ڪورٽ

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد عمر کي فوري طور آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

اهڙو حڪم سپريم ڪورٽ جي جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب جاري ڪيو آهي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ 3 ايم پي او تحت اسد عمر جي گرفتاري کي ڪالعدم قرار ڏيندي کيس فوري طور آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

عدالت اسد عمر کي پرتشدد احتجاج جو حصو نه بڻجڻ جو حلف نامو جمع ڪرائڻ جو به حڪم ڏنو.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اسد عمر کي ٽوئيٽ ڊليٽ ڪرڻ جو به حڪم ڏئي ڇڏيو.

جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب چيو ته حلف نامي جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي ته اسد عمر کي پنهنجي سياسي ڪيريئر کي وساري ڇڏڻ گهرجي.

اسد عمر طرفان ايڊووڪيٽ بابر اعواڻ عدالت ۾ پيش ٿيو، جنهن تي جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب هدايت ڪئي ته اسد عمر جون 2 ٽوئيٽس آهن، انهن کي فوري طور ڊليٽ ڪيو وڃي.

بابر اعواڻ جواب ڏنو ته اها خبر آهي پر اوهان جو حڪم مڃينداسين.

جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب چيو ته جيستائين اوهان پريس ڪانفرنس نه ڪندا، تيستائين اوهان کي نه ڇڏيندا.

اسد عمر جي وڪيل بابر اعواڻ جواب ڏنو ته پريس ڪانفرنس نه ڪنداسين، عدالت کين قلم 144 جي ڀڃڪڙي نه ڪرڻ جو حلف نامو جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي، شاهه محمود قريشي کي به اهو حلفي بيان جمع ڪرائڻ لاءِ چيو ويو.

Read Previous

حڪومت جي نه پر الله جي رضا لاءِ هتي ويٺا آهيون: چيف جسٽس

Read Next

پي ٽي آءِ تي پابندي جو جائزو ورتو پيو وڃي، خواجا آصف

Most Popular