
مشهور پاڪستاني ٽڪ ٽاڪر جوڙي ڪنول آفتاب ۽ ذوالقرنين سير تفريح ڪندي وڊيوز سوشل ميڊيا تي شيئر ڪري ڇڏي.
سوشل ميڊيا تي پنهنجي مواد سان لکين صارفين کي وندرائڻ وارا ۽ انهن جي چهرن تي مسڪراهٽ آڻيندڙ اڄ ڪلهه ملڪ جي خوبصورت نظارن مان لطف اندوز ٿي رهيا آهن.
ذوالقرنين ۽ ڪنول آفتاب پنهنجي سوشل ميڊيا انسٽاگرام تي خوبصورت خانداني تصوير ۽ وڊيو شيئر ڪئي آهي، جنهن ۾ ٻنهي کي خوشگوار مزاج ۾ ڏسي سگهجي ٿو.
تصوير جي ڪيپشن ۾ ذوالقرنين جو چوڻ آهي ته اسان موڪلن تي آهيون.