عمران خان آرٽيڪل 245 لاڳو ڪرڻ خلاف درخواست داخل ڪري ڇڏي

پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان آرٽيڪل 245 تي عملدرآمد خلاف سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي.

عمران خان ايڊووڪيٽ حامد خان ذريعي آئيني درخواست داخل ڪندي استدعا ڪئي ته آرٽيڪل 245 تي عملدرآمد ڪالعدم ڪيو وڃي ۽ تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن جون گرفتاريون بند ڪيون وڃن.

درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي ته آرمي ايڪٽ تحت سولين جي ٽرائل کي به ڪالعدم قرار ڏنو وڃي، آرمي ايڪٽ ۽ آفيشل سيڪريٽس ايڪٽ تحت سولين جي ٽرائل کي غير آئيني قرار ڏنو وڃي.

درخواست ۾ چيو ويو ته 9 مئي جي واقعي جي جاچ لاءِ عدالتي ڪميشن جوڙي وڃي، نواز شريف ۽ مريم نواز پروپيگنڊا ڪئي ته عمران خان پنهنجو آرمي چيف آڻڻ چاهي ٿو.

عمران خان طرفان درخواست ۾ وفاقي حڪومت، وزيراعظم شهباز شريف، نواز شريف، مريم نواز، آصف زرداري، بلاول ڀٽو، مولانا فضل الرحمان ۽ ٻين کي ڌر بڻايو ويو آهي.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته عدالت تحريڪ انصاف جي اڳواڻن جي جبري عليحدگي کي غير آئيني قرار ڏئي، هي سمورو ڊرامو نواز شريف ۽ مريم نواز رچايو آهي.

پي ٽي آءِ چيئرمين درخواست ۾ اها به استدعا ڪئي ته مبينا آڊيوز جي بنياد تي ڪنهن به شهري خلاف ڪارروائي کي روڪيو وڃي، ميڊيا ۾ غيرقانوني آڊيوز جي نشريات روڪڻ جو حڪم جاري ڪيو وڃي.

درخواست ۾ وڌيڪ چيو ويو ته جڊيشل ڪميشن نوٽيفڪيشن ۽ ڪارروائي کي ڪالعدم قرار ڏئي لاڳاپيل ڌرين کي حڪم ڏنو وڃي ته گمنام سوشل ميڊيا اڪائونٽ آپريٽرز جي نشاندهي ڪن.

Read Previous

آرمي چيف جنرل عاصم منير جي شاگردن ۽ شهيدن جي ٻارن سان ملاقات

Read Next

روس مان سستو ڪچو تيل اچي رهيو آهي، مصدق ملڪ

Most Popular