آرمي چيف جنرل عاصم منير جي شاگردن ۽ شهيدن جي ٻارن سان ملاقات

آرمي چيف جنرل عاصم منير پاڪستان جي شهيدن جي ڏهاڙي تي اسڪول جي ٻارن سان غير رسمي ملاقات ڪئي.

آرمي چيف جنرل عاصم منير شهيدن جي ٻارن سان پڻ ملاقات ڪئي، اسڪولن ۽ شهيدن جي ٻارن تي شفقت جو هٿ رکيو.

ان موقعي تي هن چيو ته پاڪ فوج شهيدن جي اولاد جي وارث آهي، شهيدن جي لازوال قربانين جي ڪري اوهان سان اسان جو رشتو مثالي آهي ۽ هميشه قائم رهندو.

آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو ته پاڪ فوج هميشه اوهان سان گڏ بيٺل رهندي.

Read Previous

چونڊن ۾ دير سان ناڪاري قوتون سرگرم ٿينديون آهن، چيف جسٽس

Read Next

عمران خان آرٽيڪل 245 لاڳو ڪرڻ خلاف درخواست داخل ڪري ڇڏي

Most Popular