روس مان سستو ڪچو تيل اچي رهيو آهي، مصدق ملڪ

مملڪتي وزير مصدق ملڪ چيو آهي ته روس مان سستو ڪچو تيل اچي رهيو آهي، پاڪستان روس ۽ وچ ايشيا جو گيٽ وي آهي.

ڪراچي بندرگاهه تي روسي نجي شپنگ ڪمپني جي جهاز جي آمد تي تقريب منعقد ڪئي وئي.

ان موقعي تي مصدق ملڪ چيو ته موجوده حڪومتي پاليسين سبب روس کان سستو تيل پاڪستان ايندو، روس کان تيل خريد ڪرڻ جو ڪو به دٻاءُ ناهي، آمريڪا چوي ٿو ته روس کان تيل خريد ڪرڻ تي ڪو به اعتراض ناهي.

مصدق ملڪ چيو ته گهٽ قيمت تي روسي تيل سان عوام کي فائدو ٿيندو، ايران کان گئس خريد ڪرڻ چاهيون ٿا پر پاڪستان تي پابندي نه ٿا چاهيون.

هن چيو ته نار رياست کان 2 پيٽرول جهاز خريد ڪرڻ جو معاهدو ڪنداسن، دنيا پاڪستان کي واپار ۾ اڳتي ڏسڻ چاهي ٿي.

مصدق ملڪ چيو ته عمران خان هر معاملي تي سياست ڪئي.

Read Previous

عمران خان آرٽيڪل 245 لاڳو ڪرڻ خلاف درخواست داخل ڪري ڇڏي

Read Next

پي ٽي آءِ اڳواڻ ڊاڪٽر حيدر علي پ پ ۽ عائشه گلالئي قاف ليگ ۾ شامل

Most Popular