پي ٽي آءِ اڳواڻ ڊاڪٽر حيدر علي پ پ ۽ عائشه گلالئي قاف ليگ ۾ شامل

پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳوڻي اڳواڻ ڊاڪٽر حيدر علي پيپلز پارٽي ۽ عائشه گلالئي مسلم ليگ ق ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳوڻي اڳواڻ ڊاڪٽر حيدر علي پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

اسلام آباد ۾ پ پ جي سڌ سماءَ واري صوبائي وزير ۽ اطلاعات واري سيڪريٽري فيصل ڪريم ڪنڊي سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ڊاڪٽر حيدر علي چيو آهي ته 29 اپريل تي گرينڊ جرگهي ۾ مون پي ٽي آءِ کان ڌار ٿيڻ جو اعلان ڪيو هو.

هن چيو ته مون اهو فيصلو بغير ڪنهن دٻاءَ جي ڪيو، سمورا فيصلا ساٿين سان گڏجي ڪري وٺون ٿا.

ڊاڪٽر حيدر علي جو چوڻ آهي ته پيپلز پارٽي منهنجي خواهش ۽ پسند هئي، پ پ ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ڪارڪنن سان مشاورت بعد ڪيو.

ٻئي طرف چوڌري شجاعت حسين سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي عائشه گلالئي پارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪيو.

عائشه گلالئي چيو ته پاڪستان اسلام جو قلعو آهي ۽ ان قلعي جي محافظ پاڪ فوج آهي ۽ پاڪستان جو هر شهري پاڪ فوج جو سپاهي آهي.

هن چيو ته اڄ پاڪستان شهيدن جو ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي، شهيدن جي وارثن کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو.

عائشه گلالئي چيو ته چوڌري شجاعت منهنجي تمام گهڻي عزت ڪندو آهي.

Read Previous

روس مان سستو ڪچو تيل اچي رهيو آهي، مصدق ملڪ

Read Next

سنڌ حڪومت پاران ماحول دوست اليڪٽرڪ ٽيڪسي سروس متعارف ڪرائڻ جو فيصلو

Most Popular