سنڌ حڪومت پاران ماحول دوست اليڪٽرڪ ٽيڪسي سروس متعارف ڪرائڻ جو فيصلو

Sharjeel Memon

سنڌ حڪومت ماحول دوست اليڪٽرڪ ٽيڪسي سروس متعارف ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري وفاقي وزير شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ آهي ته ماحول دوست اليڪٽرڪ ٽيڪسين هلائڻ سان اربين رپين جي تيل جي بچت ٿيندي ۽ عوام کي سستي سفري سهولتون به ملنديون.

هن چيو ته اليڪٽرڪ ٽيڪسي سروس سان بيروزگار نوجوانن کي روزگار جا موقعا ملندا ۽ گلابي ٽيڪسي لاءِ عورت ڊرائيورن کي ڀرتي ڪيو ويندو. اليڪٽرڪ ٽيڪسين لاءِ چارجنگ ۽ پارڪنگ ڊيپو پڻ تعمير ڪيا ويندا.

شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ ايندڙ مالي سال ۾ عوام جي سهولت لاءِ 500 نيون بسون خريد ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو ويو.

سندس چوڻ آهي ته 15 جون تائين 20 وڌيڪ بسون سنڌ حڪومت کي ڏنيون وينديون.

صوبائي ٽرانسپورٽ واري وزير پيپلز بس سروس جون سموريون بسون ڪراچي ۾ روڊن تي آڻڻ جا حڪم جاري ڪندي چيو ته عوام جي سهولت لاءِ بيڪ اپ ۾ بيٺل بسن کي به فوري طور تي چالو ڪيو وڃي.

هن وڌيڪ چيو ته پيپلز بس سروس جون سموريون بسون روڊن تي هجڻ گهرجن، نئين روٽ جي ٽرائل ٽن ڏينهن اندر شروع ڪئي وڃي، نئين روٽ سان ٻهراڙي جي ماڻهن کي سستي سفري سهولتون ملنديون.

Read Previous

پي ٽي آءِ اڳواڻ ڊاڪٽر حيدر علي پ پ ۽ عائشه گلالئي قاف ليگ ۾ شامل

Read Next

اسان جي نمائندگي ختم ڪئي پئي وڃي، حافظ نعيم الرحمان

Most Popular