ايران 2 هزار ڪلوميٽرن تائين مار ڪندڙ بيلسٽڪ ميزائل تيار ڪري ورتو

ايران خيبر بيلسٽڪ ميزائل تيار ڪري ورتو آهي جيڪو 2 هزار ڪلوميٽرن تائين مار ڪري سگهي ٿو.

ايراني ميڊيا موجب خيبر بيلسٽڪ ميزائل کي اڄ هڪ تقريب ۾ پيش ڪيو ويو.

خيبر بيلسٽڪ ميزائل 1500 ڪلو وار هيڊ کڻي وڃڻ جي صلاحيت رکي ٿو.

ايراني ميڊيا جو چوڻ آهي ته نئون خيبر بيلسٽڪ ميزائل ايراني ايرو اسپيس انڊسٽريز آرگنائيزيشن ٺاهيو آهي.

Read Previous

ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ هائبرڊ ماڊل تي ايشيا ڪپ کيڏڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

Read Next

پاڪستان ۽ سريلنڪا وچ ۾ ون ڊي ميچن تي ڪا به اڳڀرائي نه ٿي سگهي

Most Popular