پاڪستان ۽ سريلنڪا وچ ۾ ون ڊي ميچن تي ڪا به اڳڀرائي نه ٿي سگهي

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي سريلنڪا جي دوري ۾ ون ڊي ميچن کي شامل ڪرڻ تي ڪا به اڳڀرائي نه ٿي سگهي آهي.

ذريعن موجب پاڪستان ۽ سريلنڪن بورڊز وچ ۾ ڪجهه هفتا اڳ ون ڊي ميچن جي سيريز ۾ شامل ڪرڻ جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿي هئي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻنهي بورڊز ورلڊ ڪپ جي تيارين لاءِ ون ڊي کي شامل ڪرڻ تي غور ڪيو ۽ ون ڊي جي تجويز کي رد نه ڪيو ويو آهي.

ان حوالي سان ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته ان معاملي تي حتمي ڳالهه ٻولهه ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ ٿيڻ جو امڪان آهي.

Read Previous

ايران 2 هزار ڪلوميٽرن تائين مار ڪندڙ بيلسٽڪ ميزائل تيار ڪري ورتو

Read Next

علي ظفر پاران ملڪ جي موجوده معاشي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار

Most Popular