عمران نيازي جي هدايت تي ٽولو شهيدن جي يادگار تي حملي آور ٿيو، وزيراعظم

وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته 9 مئي تي عمران نيازي جي هدايت تي جٿن اسان جي عظيم شهيدن جي يادگار تي حملو ڪيو.

وزيراعظم چيو ته هي قوم جا عظيم ٻار آهن، جن پنهنجيون جانيون ڏنيون، سندن ٻار يتيم ٿيا پر انهن لکين ٻارن کي يتيم ٿيڻ کان بچايو.

ڪراچي ۾ پاڻي جي فراهمي جي منصوبي ڪي فور جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته اهو تاريخ جو ڪارو باب هو، جڏهن شهيدن جي وارثن سان ملاقات ٿي ته سندن دليون غمگين ٿي ويون.

هن چيو ته سمورين پارٽين جي اتحاد ۽ پارليامينٽ سازشن کي دفن ڪري ڇڏيو.

هن چيو ته کيس خوشي آهي ته ايم ڪيو ايم ۽ پيپلز پارٽي سٺيون ڳالهيون ڪيون، گڏيل اتفاق جي نتيجي ۾ وڏا چئلينجز حل ٿي سگهن ٿا.

وزيراعظم چيو ته ڪراچي شهر جون ٻئي پارٽيون وفاق جو حصو آهن، ان ۾ ئي پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جو راز آهي، اتفاق ۽ اتحاد ۾ برڪت آهي.

هن چيو ته هو بلاول ڀٽو جو شڪر گذار آهي ته هن سندس لاءِ پيار جا اهي لفظ چيا، انشاءَ الله پاڪستان کي ان جو وڃايل مقام ڏيارينداسين.

Read Previous

ميڊيڪل رپورٽ موجب عمران خان جي ذهني حالت تي سواليه نشان آهي، عبدالقادر پٽيل

Read Next

9 مئي جي واقعن جو اهو فائدو ٿيو ته عدليه خلاف بيان بازي بند ڪئي وئي: چيف جسٽس

Most Popular