9 مئي جي واقعن جو اهو فائدو ٿيو ته عدليه خلاف بيان بازي بند ڪئي وئي: چيف جسٽس

Umar Atta bandyal

چيف جسٽس عمر عطا بنديال پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو آهي ته 9 مئي جي واقعن جو فائدو ٿيو ته عدليه خلاف بيان بازي بند ٿي وئي.

اها ڳالهه چيف جسٽس عمر عطا بنديال سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ آڊيو ليڪس ڪميشن خلاف پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان، عابد زبيري ۽ ٻين جي درخواستن تي ٻڌڻي دوران چئي.

چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 5 رڪني لارجر بينچ ٻڌڻي ڪئي، جنهن ۾ جسٽس اعجاز الحسن، جسٽس منيب اختر، جسٽس شاهد وحيد ۽ جسٽس حسن اظهر رضوي به شامل آهن.

ٻڌڻي شروع ٿي ته اٽارني جنرل آف پاڪستان منصور عثمان اعواڻ چيف جسٽس جي بينچ ۾ شموليت تي اعتراض ڪندي چيو ته درخواست آهي ته چيف جسٽس کي بينچ جو حصو نه بڻايو وڃي.

چيف جسٽس عمر عطابنديال پڇاڻو ڪيو ته توهان جو مطلب آهي ته مان بينچ ڇڏي ڏيان؟ عدليه بنيادي انساني حقن جي نگهبان آهي، توهان کي اسان جي انتظامي اختيار ۾ مداخلت نه ڪرڻ گهرجي، اسان کي حڪومت جو پورو احترام آهي.

چيف جسٽس چيو ته حڪومت پنهنجي مقصدن لاءِ ججن کي ڪيئن چونڊي سگهي ٿي؟ چيف جسٽس جو عهدو آئيني عهدو آهي، مون کي خبر هئي ته توهان اهو اعتراض اٿاريندؤ، عدليه وفاقي حڪومت جي ماتحت ناهي، آئين ۾ اختيارن جي ورهاست آهي.

چيف جسٽس آف پاڪستان عمر عطا بنديال سوال اٿاريو ته چيف جسٽس جي مشاورت کانسواءِ قدم ڪيئن کنيو ويو؟ ڪميشن آف انڪوائري ايڪٽ 1956ع ۾ به مشاورت نه ڪئي وئي، اهو عمل آهي، ڪميشن لاءِ جج چيف جسٽس نامزد ڪندو.

چيف جسٽس چيو ته 3 اهڙا نوٽيفڪيشن واپس ورتا ويا جن ۾ چيف جسٽس جي مشاورت شامل نه هئي، مهرباني ڪري حڪومت کي چئو وڃي ته آئين جي روح تي عمل ڪري، ڪميشن آف انڪوائري ايڪٽ 2017ع ۾ مشاورت نه ڪئي وئي، ججن ۾ ڏڦيڙ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.

Read Previous

عمران نيازي جي هدايت تي ٽولو شهيدن جي يادگار تي حملي آور ٿيو، وزيراعظم

Read Next

ڪراچي تي ڌيان ڏيون ته آءِ ايم ايف کان ڇوٽڪارو ملي سگهي ٿو، بلاول ڀٽو

Most Popular