ڪراچي تي ڌيان ڏيون ته آءِ ايم ايف کان ڇوٽڪارو ملي سگهي ٿو، بلاول ڀٽو

پيپلز پارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڪراچي تي ڌيان ڏينداسين ته عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) کان ڇوٽڪارو ملي سگهي ٿو.

ڪراچي ۾ ڪي فور منصوبي جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڪراچي جي منصوبن کي به شهباز اسپيڊ ڏنو وڃي، اسان چاهيون ٿا ته وزيراعظم شهباز شريف اهڙي طرح ڪراچي ايندو رهي.

پرڏيهي وزير چيو ته مان پاڻ ٽينڪر مان پاڻي خريد ڪريان ٿو، بلوچستان ۽ سنڌ جي عوام لاءِ ڊي سيلينيشن وارو نظام آڻڻو پوندو، شهباز شريف اسان جو وزيراعظم آهي، هو ملڪ جا مسئلا حل ڪندو.

بلاول ڀٽو زرداري اهو به چيو ته وزيراعظم جي ڪارڪردگي سبب هڪ سال ۾ زمين ۽ آسمان جو فرق اچي ويو آهي، جڏهن قائم علي شاهه وڏو وزير هو ته ڪيفور تي ٻه ڀيرا بريفنگ ڏني هئي.

هن چيو ته ڪراچي تي ڌيان ڏينداسين ته آءِ ايم ايف کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهون ٿا، ملڪ جو سڀ کان غير مقبول ادارو واپڊا آهي، جنهن سبب اسان جا ايم اين اي ۽ ايم پي ايز تڪن ۾ نٿا وڃي سگهن.

پ پ چيئرمين چيو ته شرجيل ميمڻ 2 سال جيل ۾ گذاريا، جڏهن پ پ اڳواڻ گرفتار ٿيا ته چيف جسٽس گڊ ٽو سي يو چوڻ لاءِ جيل ايندو هو.

Read Previous

9 مئي جي واقعن جو اهو فائدو ٿيو ته عدليه خلاف بيان بازي بند ڪئي وئي: چيف جسٽس

Read Next

پي ٽي آءِ اڳواڻ سينيٽر بابر اعواڻ لنڊن روانو ٿي ويو

Most Popular