پي ٽي آءِ اڳواڻ سينيٽر بابر اعواڻ لنڊن روانو ٿي ويو

پاڪستان تحريڪ انصاف جو سينيئر نائب صدر سينيٽر بابر اعواڻ لنڊن روانو ٿي ويو.

ذريعن موجب بابر اعواڻ اڄ صبح 1 وڳي اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ تان لنڊن روانو ٿي ويو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته بابر اعواڻ پرڏيهي ايئر لائن جي اڏام ذريعي لنڊن روانو ٿيو.

بابر اعواڻ کي عمران خان جو ويجهو سمجهيو ويندو آهي ۽ سندس قانوني صلاحڪار پڻ آهي.

خانداني ذريعن موجب بابر اعواڻ جو لنڊن جو دورو اڳ ۾ ئي طئي ٿيل هو ۽ جلد واپس ايندو.

Read Previous

ڪراچي تي ڌيان ڏيون ته آءِ ايم ايف کان ڇوٽڪارو ملي سگهي ٿو، بلاول ڀٽو

Read Next

آمريڪي خاتون اول کي خطاب دوران شرمندگي جو منهن ڏسڻو پيو

Most Popular