خسرو بختيار به تحريڪ انصاف کان لاتعلقي ظاهر ڪري ڇڏي

اڳوڻي وفاقي وزير خسرو بختيار تحريڪ انصاف کان لاتعلقي جو اظهار ڪندي چيو ته هڪ سال اڳ پارٽي جي اعليٰ قيادت کي چيو هو ته ادارن سان ٽڪراءُ نقصانڪار هوندو.

پنهنجي بيان ۾ خسرو بختيار چيو ته پي ٽي آءِ ڪور ڪميٽي جي ميمبرشپ ۽ ڏکڻ پنجاب جي چيئرمين شپ به سال اڳ ڇڏي هئي.

هن چيو ته 9 مئي جي دل ڏاريندڙ واقعن مون کي پي ٽي آءِ جي فلسفي کان پري ٿيڻ تي مجبور ڪيو.

خسرو بختيار جو چوڻ هو ته هو تحريڪ انصاف جي سياسي فلسفي کي جاري نه ٿو رکي سگهي.

Read Previous

علي زيدي سياست ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

Read Next

معافي جو وقت گذري ويو، عمران خان کي مشڪل ۾ ڏسان پيو: منظور وساڻ

Most Popular