علي زيدي سياست ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ علي زيدي سياست ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

هڪ وڊيو پيغام ۾ علي زيدي چيو آهي ته مون هميشه پاڪستان جي خدمت ڪئي آهي، مان اڳ به 9 مئي جي واقعن جي مذمت ڪئي هئي ۽ هاڻي به ڪري رهيو آهيان.

علي زيدي جو چوڻ آهي ته مون فيصلو ڪيو آهي ته سياست ڇڏيندس، جڏهن سياست ڇڏيندس ته پي ٽي آءِ جي سمورن عهدن تان استعيفيٰ ڏئي رهيو آهيان.

پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته پاڪستان جي خدمت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس.

Read Previous

ٿي سگهي ٿو ته جن ماڻهن جون آڊيوز آهن، انهن پاڻ جاري ڪيون هجن، جسٽس فائز عيسيٰ

Read Next

خسرو بختيار به تحريڪ انصاف کان لاتعلقي ظاهر ڪري ڇڏي

Most Popular