معافي جو وقت گذري ويو، عمران خان کي مشڪل ۾ ڏسان پيو: منظور وساڻ

پيپلز پارٽي سنڌ جي سينيئر اڳواڻ منظور وساڻ چيو آهي ته هاڻي معافي جو وقت گذري ويو آهي، عمران خان کي ڏکيائين ۾ ڏسان پيو.

پنهنجي هڪ بيان ۾ منظور وساڻ چيو ته عمران خان سان هاڻي نه عوامي سطح تي ۽ نه قيادت جي سطح تي ڪو نه رهندو.

هن چيو ته عمران خان ٻاهر وڃڻ جي ڪوشش ڪندو پر کيس وڃڻ نه ڏنو ويندو، ٿي سگهي ٿو عمران خان ڪجهه ڏينهن خاموش رهي.

منظور وساڻ چيو ته پي ٽي آءِ ۾ ڏڦيڙ ڏسي رهيو آهيان ۽ ملڪ ۾ نيون پارٽيون وجود ۾ اينديون، نئين پارٽين جي اڳواڻي ٻيا ڪندا.

Read Previous

خسرو بختيار به تحريڪ انصاف کان لاتعلقي ظاهر ڪري ڇڏي

Read Next

عمران خان کي زمان پارڪ واري گهر ۾ نظربند رکڻ جي تجويز

Most Popular