عمران خان کي زمان پارڪ واري گهر ۾ نظربند رکڻ جي تجويز

لاهور : حڪومت کي عمران خان کي نظربند ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.

عمران خان کي زمان پارڪ ۾ سندس رهائشگاهه تي نظربند ڪيو ويندو ۽ حراست دوران ڪنهن کي به ساڻس ملڻ جي اجازت نه هوندي.

پي ٽي آءِ موجب عمران کي سياسي سرگرميون جاري رکڻ ۽ انٽرنيٽ تي تقريرون ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.

ذريعن موجب نظربندي جي حڪم بعد عمران خان جي رهائشگاهه زمان پارڪ کي سب جيل قرار ڏنو ويندو.

Read Previous

معافي جو وقت گذري ويو، عمران خان کي مشڪل ۾ ڏسان پيو: منظور وساڻ

Read Next

شبلي فراز پنهنجي والد احمد فراز جي شاعري ڏينهن ۾ 3 ڀيرا ٻڌو ته تندرست ٿي ويندو: ناصر شاهه

Most Popular