سينيٽر باب ميننڊز پاران پاڪستان جي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار

آمريڪي سينيٽ جي پرڏيهي معاملن واري ڪميٽي جي سربراهه سينيٽر باب ميننڊز پاڪستان ۾ انساني حقن جي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي.

سينيٽر باب ميننڊز پاڪستاني ڄائي آمريڪي ڊاڪٽر آصف محمود سان ملاقات ۾ چيو ته هو پاڪستان ۾ ڏڦيڙ نه پر استحڪام چاهين ٿا.

باب ميننڊز چيو ته پاڪستان ۾ بيگناهه پاڪستاني آمريڪين جي گرفتاري تي کيس ڳڻتي آهي.

ٻئي طرف پي ٽي آءِ آمريڪا جي اڳواڻن سجاد برڪي ۽ عاطف خان آمريڪي سينيٽر جان ڪارنين سان ملاقات ڪئي.

پي ٽي آءِ آمريڪا جي اڳواڻن دعويٰ ڪئي آهي ته سينيٽر ڪورنين چيو آهي ته هو معاملو آمريڪي سينيٽ ۾ اٿاريندو.

آمريڪي ايوان نمائندگان ۾ پاڪستان ڪاڪس جي سربراهه شيلا جيڪسن به پاڪستان جي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته پرامن احتجاج ڪندڙن کي تحفظ ڏنو وڃي.

Read Previous

ڏکڻ ڪوريا ۾ اڏام دوران جهاز جو دروازو کوليندڙ مسافر پوليس کي بيان ڏئي ڇڏيو

Read Next

سلمان خان وڪي ڪوشل کي ڳلي لڳائي مداحن جون دليون کٽي ورتيون

Most Popular