ڏکڻ ڪوريا ۾ اڏام دوران جهاز جو دروازو کوليندڙ مسافر پوليس کي بيان ڏئي ڇڏيو

ڏکڻ ڪوريا ۾ ايشيانا فلائيٽ جي مسافر جي ڊيوگو ايئرپورٽ تي لينڊ ڪرڻ کان اڳ جهاز جو دروازو کولڻ جا تفصيل سامهون اچي ويا آهن.

پرڏيهي ميڊيا موجب، ايگزٽ ڀرسان ويٺل مرد مسافر لينڊنگ کان 2 يا 3 منٽ اڳ جهاز جو دروازو کولي ڇڏيو، جيڪو زمين کان تقريبا 200 ميٽر (656 فٽ) هو.

رپورٽن موجب اهو ڪم ڪندڙ شخص کي پوليس حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي، جنهن هاڻي پوليس کي ٻڌايو آهي ته هن اهڙو عمل ڇو ڪيو.

پرڏيهي ميڊيا موجب مسافر پوليس کي ٻڌايو ته هو آرامده محسوس نه ڪري رهيو هو ۽ هو جهاز مان جلدي لهڻ چاهي رهيو هو.

مسافر پوليس کي اهو به ٻڌايو ته هو تازو نوڪري وڃائڻ کانپوءِ دٻاءُ ۾ هو.

سوشل ميڊيا تي حراست ۾ ورتل مسافر جو بيان سامهون اچڻ بعد ماڻهن ان تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي.

Read Previous

ترڪي ۾ صدارتي چونڊن جو ٻيو مرحلو سڀاڻي ٿيندو

Read Next

سينيٽر باب ميننڊز پاران پاڪستان جي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار

Most Popular