سلمان خان وڪي ڪوشل کي ڳلي لڳائي مداحن جون دليون کٽي ورتيون

بالي ووڊ جي سلو ڀائي سلمان خان اڳوڻي گرل فرينڊ اداڪارا ڪترينا ڪيف جي مڙس وڪي ڪوشل کي ڀاڪر پائي مداحن جون دليون کٽي ورتيون آهن.

وڪي ڪوشل هن وقت بالي ووڊ جي بهترين اداڪارن ۾ شمار ٿئي ٿو، هن نه رڳو پنهنجي اداڪاري جي صلاحيتن پر سٺي طبيعت سان به مداحن جون دليون کٽي ورتيون آهن.

ٻئي طرف سلمان خان جي دريا دلي کان هر مداح واقف آهي.

گذريل ڏينهن انهن ٻنهي ستارن جي هڪ وڊيو وائرل ٿي هئي جنهن ۾ سلمان خان جي سيڪيورٽي وڪي ڪوشل کي پوئتي ڌڪي ڇڏيو هو.

وڪي ڪوشل سلمان خان سان به ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن جو هن ڪو به جواب نه ڏنو.

Read Previous

سينيٽر باب ميننڊز پاران پاڪستان جي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار

Read Next

انگلينڊ ۾ ليگ ميچ دوران زخمي ٿيڻ کانپوءِ شاداب خان جو بيان سامهون اچي ويو

Most Popular