جيل ۾ خديجه شاهه جي طبيعت خراب ٿي وئي

لاهور جي سينٽرل جيل ڪوٽ لکپت ۾ فيشن ڊيزائنر خديجه شاهه جي حالت خراب ٿي وئي.

جيل ذريعن موجب خديجه شاهه 2 ڏينهن کان پيٽ جي سور ۾ مبتلا آهي، کيس ۽ ياسمين راشد کي هڪ ئي بيرڪ ۾ بند ڪيو ويو آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته جيل اختيارين خديجه شاهه سان ملڻ ۽ گهر مان کاڌو ڏيڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي.

خديجه شاهه 7 ڏينهن جي جوڊيشل رمانڊ تي جيل ۾ آهي، کيس جناح هائوس حملي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو هو.

Read Previous

پي ٽي آءِ جي هڪ ٻئي اڳواڻ پارٽي ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

Read Next

پاڪستان نيوي جي جهاز پي اين ايس شاهه جهان ملائيشيا جو دورو

Most Popular