پي ٽي آءِ جي هڪ ٻئي اڳواڻ پارٽي ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي ايم اين اي جمشيد ٿامس پارٽي ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

پشاور مان پي ٽي آءِ جو جمشيد ٿامس اقليتي سيٽ تي اسيمبلي جو ميمبر ٿيو ۽ هو اقليتي ونگ جو جنرل سيڪريٽري به رهيو.

هن 9 مئي جي واقعي جي مذمت ڪندي پاڪ فوج سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو آهي.

جمشيد ٿامس به پارٽي عهدي تان استعيفيٰ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

واضح رهي ته گذريل ڏينهن پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڪيترن ئي اهم اڳواڻن پارٽي ڇڏڻ جو اعلان ڪيو هو.

انهن مان ڪجهه اڳواڻن سياست کان لاتعلقي جو اعلان ڪيو آهي.

Read Previous

يوم تکبير: پاڪ فضائيه پاران هوائي سرحدن جي حفاظت جي عزم جو ورجاءُ

Read Next

جيل ۾ خديجه شاهه جي طبيعت خراب ٿي وئي

Most Popular