پاڪستان نيوي جي جهاز پي اين ايس شاهه جهان ملائيشيا جو دورو

پاڪستان نيوي جي جهاز پي اين ايس شاهه جهان ملائيشيا جي بندرگاهه لانگڪاوي جو دورو ڪيو.

پاڪ بحريه جي ترجمان پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته پاڪستاني سفارتي عملي ۽ جهاز جو لانگڪاوي بندرگاهه پهچڻ تي ملائيشين نيوي جي عملدارن شاندار استقبال ڪيو.

پاڪستان نيوي جي ترجمان موجب پي اين ايس شاهه جهان لانگڪاوي انٽرنيشنل ميري ٽائيم اينڊ ايرو اسپيس نمائش ۾ شرڪت ڪئي.

پاڪ بحريه جي ترجمان چيو آهي ته ملائيشيا جي اختيارين سان جهاز جي ڪمانڊنگ آفيسر جي ملاقاتن ۾ ٻه طرفي بحري تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

پاڪ بحريه جي ترجمان موجب پي اين ايس شاهه جهان لانگڪاوي ۾ انٽرنيشنل فليٽ ريويو ۾ شرڪت دوران پاڪ بحريه جي ٻين جنگي جهازن سان مشقن ۾ حصو ورتو.

Read Previous

جيل ۾ خديجه شاهه جي طبيعت خراب ٿي وئي

Read Next

ڪرسٽيانو رونالڊو جي خدمتن باوجود سعودي ڪلب ٽائيٽل وڃائي ويٺو

Most Popular