معيشت کي مستحڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، اسحاق ڊار

Ishaq Dar

ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته هو معيشت کي مستحڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.

اسلام آباد ۾ انٽرنيشنل اسلامڪ بينڪنگ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اسحاق ڊار چيو ته اسلامي بينڪنگ سسٽم کي بهتر بڻائڻ سان اسلامڪ فنانسنگ غربت تي ضابطو آڻي سگهي ٿي.

اسحاق ڊار جو چوڻ آهي ته اسلامڪ بينڪنگ لاءِ موثر قدم کنيا پيا وڃن، هي ڪانفرنس اسلامي فنانسنگ ۾ اسان جي مستقبل لاءِ هڪ روشني آهي.

هن چيو ته اسلامي بينڪنگ سسٽم اسان جي مستقبل کي بهتر بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو، سمورن اسلامي ملڪن جي سهڪار سان اسان معاشي چئلينجن تي قابو پائي سگهون ٿا.

ناڻي واري وزير چيو ته اسلامڪ فنانس پاڪستان جي اقتصادي ترقي لاءِ اهم آهي، هو اسلامي فنانس جي فروغ لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪري رهيا آهن.

هن جو چوڻ آهي ته عالمي سطح تي اسلامي فنانس 4 هزار ارب ڊالرن کان وڌيڪ آهي، 2026ع ۾ عالمي معيشت ۾ اسلامي فنانس 59 هزار ارب ڊالر تائين پهچي ويندو.

وفاقي وزير چيو ته ڪيپيٽل مارڪيٽ جي فروغ لاءِ اهم قدم کنيا پيا وڃن، دنيا ۾ اسلامي فنانسنگ تيزي سان وڌي رهي آهي، غير مسلم ملڪن ۾ اسلامي فنانسنگ جو رجحان وڌي رهيو آهي.

Read Previous

190 ملين پائونڊ اسڪينڊل: عمران خان جو نالو اي سي ايل ۾ شامل

Read Next

جيل ۾ عورتن تي تشدد جي الزامن جي جاچ لاءِ 2 رڪني ڪميٽي قائم

Most Popular