جيل ۾ عورتن تي تشدد جي الزامن جي جاچ لاءِ 2 رڪني ڪميٽي قائم

محسن نقوي

پنجاب جي نگران وڏي وزير جيل ۾ عورتن تي تشدد جي الزامن جي جاچ لاءِ 2 رڪني ڪميٽي جوڙي ڇڏي.

ڊي سي لاهور رفيع حيدر ۽ ايس ايس پي انويسٽيگيشن جيل جو دورو ڪري تحريڪ انصاف جي لڳايل الزامن جي جاچ ڪنديون.

ٻئي عورت آفيسر اڄ ڪوٽ لکپت جيل جو دورو ڪنديون، ان کان اڳ هڪ بيان ۾ پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي چيو آهي ته جيلن ۾ قيد عورتن سان قانون موجب ڪارروائي ڪئي پئي وڃي.

محسن نقوي چيو ته عورتن سان بدسلوڪي بابت پروپيگنڊا ڪئي پئي وڃي.

Read Previous

معيشت کي مستحڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، اسحاق ڊار

Read Next

ٽائيگر فورس رڳو 9 مئي جهڙي ڏينهن لاءِ تيار ڪئي وئي، فردوس عاشق اعواڻ

Most Popular