190 ملين پائونڊ اسڪينڊل: عمران خان جو نالو اي سي ايل ۾ شامل

عمران خان

اين سي اي 190 ملين پائونڊ اسڪينڊل ۾ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪيو ويو آهي.

ذريعن موجب قومي احتساب بيورو (نيب) راولپنڊي جي سفارش تي عمران خان جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪيو ويو آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي ڪابينا سرڪيولر سمري ذريعي عمران خان جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.

ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته عمران خان جي گهرواري بشرا بي بي جو به نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته نيب گهرو وزارت کي لکت ۾ بشرا بي بي جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ لاءِ لکندو.

Read Previous

حساس هنڌن تي حملو ڪندڙ ڪلڀوشن کان گهٽ ناهي: راڻا ثناءُ الله

Read Next

معيشت کي مستحڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، اسحاق ڊار

Most Popular