9 مئي جي واقعن ۾ ملوث جوابدارن کي سزا ڏياري دم پٽينداسين، مراد علي شاهه

ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته 9 مئي جي واقعن ۾ ملوث جوابدارن کي سزا ڏياري ئي دم پٽينداسين.

ڪراچي جي هڪ هوٽل ۾ شهيدن جي ڏهاڙي جي تقريب کي خطاب ڪندي مراد علي شاهه چيو ته 9 مئي جي واقعي ۾ ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته 9 مئي جي واقعي ۾ ملوث ماڻهن جو انشاءَ الله اهو ئي حال ٿيندو، جيڪو ملڪ دشمنن جو ٿيندو آهي.

هن چيو ته شهيدن جي ڪري ئي ملڪ مستحڪم آهي، شرپسندن شهيدن جي يادگار کي نقصان پهچايو.

واضح رهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي گرفتاري کانپوءِ پي ٽي آءِ ڪارڪنن ملڪ جي مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪري باهيون ڏنيون هيون.

Read Previous

آڊيو ليڪس ڪميشن ڪالعدم قرار ناهي ڏني، جاچ لاءِ حڪومت طريقيڪار سان اچي: چيف جسٽس

Read Next

ڪراچي جي سٽي ڪورٽ ۾ مڙس جي فائرنگ ۾ عورت سخت زخمي

Most Popular