آڊيو ليڪس ڪميشن ڪالعدم قرار ناهي ڏني، جاچ لاءِ حڪومت طريقيڪار سان اچي: چيف جسٽس

Umar Atta bandyal

پنجاب ۾ 14 مئي تي چونڊون ڪرائڻ بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي خلاف اليڪشن ڪميشن جي درخواست تي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس عمر عطا بنديال رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته توهان آڊيو ليڪس ڪميشن ڪيس ۾ اسان جو فيصلو پڙهيو هوندو، ذهن ۾ رکو ته عدالت ڪميشن کي ڪالعدم قرار نه ڏنو، جيڪڏهن توهان ڪنهن معاملي جي جاچ ڪرڻ چاهيو ٿا ته باقاعده طريقيڪار تي عمل ڪريو، مان پاڻ تي ٻڌل ڪميشن نه ٺاهيندس پر انڪوائري ڪنهن ٻئي جج کان ڪرائي وڃي، هي سياسي پارو امن امان ۽ معيشت کي بهتر نه ڪندو.

سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ پنجاب ۾ چونڊون ڪرائڻ واري فيصلي خلاف اليڪشن ڪميشن جي نظرثاني درخواست تي ٻڌڻي ٿي.

چيف جسٽس پاڪستان عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪري رهي آهي، جنهن ۾ جسٽس اعجاز الاحسن ۽ جسٽس منيب اختر به شامل آهن.

ٻڌڻي جي شروعات تي اٽارني جنرل منصور عثمان اعواڻ درخواست ڪئي ته مان ڪجهه چوڻ چاهيان ٿو، سپريم ڪورٽ نظرثاني ايڪٽ بڻجي ويو آهي، صدر سپريم ڪورٽ نظرثاني ايڪٽ تي صحيح به ڪري ڇڏي آهي، سپريم ڪورٽ نظرثاني ايڪٽ جي شق 2 ۾ آرٽيڪل 184 جي شق 3 تحت فيصلي خلاف اپيل ڪرڻ جو حق ڏنو آهي، اهو قانون ماضي کان به لاڳو هوندو.

جسٽس منيب اختر رمارڪس ڏنا ته اليڪشن ڪميشن جي وڪيل سجيل سواتي جي چهري تي مسڪراهٽ اچي وئي آهي.

اٽارني جنرل چيو ته سپريم ڪورٽ جو اختيارن وارو دائرو آرٽيڪل 184-3 ۾ نظرثاني جو قانون بڻايو ويو آهي، سپريم ڪورٽ جي نظرثاني اختيار کي وسيع ڪيو ويو آهي.

چيف جسٽس اٽارني جنرل کي مخاطب ٿيندي چيو ته هي عدالت عدليه جي آزادي جو قانون لاڳو ڪري ٿي، ان تي يقين آهي ته آرٽيڪل 184 ٽَي جي اختيارن واري دائري جي ڪيسز ۾ نظرثاني ٿيڻ کپي، سپريم ڪورٽ جا ئي فيصلا پاڻ آرٽيڪل 187 تحت نظرثاني جو دائرو وڌائڻ جو رستو ڏئي رهيا آهن، جج جي ڌر هئڻ وارو معاملو به اٿاريو ويو آهي، ڪيوريٽو ريويو جو معاملو به اوهان اٿاريو آهي، ان کي به ڏسي رهيا آهيون، پي ٽي آءِ کي به قانون بابت ڄاڻ هئڻ گهرجي، خميس تي جوڊيشل ڪميشن وارو ڪيس مقرر آهي، اٽارني جنرل ان حوالي سان حڪومت کان به هدايتون وٺي، توهان آڊيو ليڪس ڪميشن ڪيس ۾ اسان جو حڪم پڙهيو هوندو، ياد رهي ته عدالت ڪميشن کي ڪالعدم قرار ناهي ڏنو.

چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته عدالت کي عدليه جي آزادي جو تحفظ ڪرڻو آهي، ڳجهن ملاقاتن ذريعي معاملو نٿو هلي سگهي، اهو تاريخي حادثو آهي ته هڪ ئي چيف جسٽس آهي، اسان ميموگيٽ، ايبٽ آباد ڪميشن ۽ شهزاد سليم قتل ڪيس جي ڪميشن جو نوٽيفڪيشن ڏيکاريو آهي، سمورا عدالتي ڪميشن چيف جسٽس جي مرضي سان ٺهندا آهن، جيڪڏهن توهان ڪنهن شيءِ جي جاچ ڪرڻ چاهيو ٿا ته باقاعدي طريقي سان اچو، مان پاڻ تي ٻڌل ڪميشن نه ٺاهيندس، جاچ ٿيڻ گهرجي،پر هي سياسي پارو معيشت ۽ امن امان کي بهتر نه ڪندو.

چيف جسٽس چيو ته اها ڏاڍي دلچسپ ڳالهه آهي، اسان 184/3 جي فيصلي تي نظرثاني جي مطالبي کي سمجهون ٿا، ان جي ضرورت آهي ۽ اسان جا فيصلا به آهن، توهان انڪوائري ڪميشن ۾ اسان جو حڪم پڙهيو هوندو، اسان ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته عدليه جي آزادي ۽ تحفظ چاهيون ٿا، عدليه ۽ انتظاميه هڪ ٻئي سان رابطو ڪن، اهو رابطو شفاف هجڻ گهرجي. اهو رابطو ڳجهو يا زبردستي نه هئڻ گهرجي، حڪومت روايتن کي نه ٽوڙي، اڳ ۾ قائم ڪيل سموريون ڪميشنون چيف جسٽس جي منظوري يا اجازت سان ٺهيون هيون.

ججن کي هميشه چيف جسٽس جي منظوري سان نامزد ڪيو ويندو آهي، اهم ڳالهه اها آهي ته هنن چيف جسٽس سان صلاح مشوري جي روايت ڇو ٽوڙي؟

Read Previous

ٽائيگر فورس رڳو 9 مئي جهڙي ڏينهن لاءِ تيار ڪئي وئي، فردوس عاشق اعواڻ

Read Next

9 مئي جي واقعن ۾ ملوث جوابدارن کي سزا ڏياري دم پٽينداسين، مراد علي شاهه

Most Popular