ڪئناڊا جي شهر هيملٽن ۾ هڪ گهر ڌڻي گهر جي خراب حالت تي ٻن پورهيتن کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو.
پوليس موجب واقعي کانپوءِ پوليس سان فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 57 ورهين جو گهر مالڪ به مارجي ويو.
پوليس موجب 28 ورهين جو ڪرائيدار پنهنجي 27 ورهين جي مڱ سان گڏ گهر ۾ رهندو هو.
هوڏانهن واقعي واري ڏينهن زميندار ۽ پورهيتن ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن بعد زميندار ٻنهي کي گهر جي لان ۾ گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو.
بعد ۾ پوليس پهچي گهر جي مالڪ پاڻ کي گهر ۾ بند ڪري ڇڏيو ۽ پوليس سان فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ مارجي ويو.