ڪي اليڪٽرڪ ڪراچي ۾ بجليءَ جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جي ترديد ڪري ڇڏي

ڪي اليڪٽرڪ جي ترجمان اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جي ترديد ڪندي چيو آهي ته لوڊشيڊنگ ويب سائيٽ تي ڏنل شيڊول موجب ڪئي پئي وڃي.

ٽيپو سلطان جي درگاهه روڊ تي بجلي جي اڻ اعلانيل ڊگهي لوڊشيڊنگ خلاف علائقي واسين احتجاج ڪيو آهي.

ڪي اليڪٽرڪ ترجمان خبرن جي ترديد ڪندي چيو آهي ته ٽيپو سلطان روڊ تي بجلي جي فراهمي معمول موجب جاري آهي، جڏهن ته لوڊشيڊنگ اليڪٽرڪ جي ويب سائيٽ تي ڏنل شيڊول مطابق ڪئي پئي وڃي.

ترجمان ڪي اليڪٽرڪ جو چوڻ آهي ته علائقائي خرابين، بلن جي عدم ادائيگي ۽ ٽيڪنيڪل سببن جي بنياد تي بجلي جي بندش کي لوڊشيڊنگ سان ڀيٽڻ درست ناهي.

هن وڌيڪ چيو آهي ته لوڊشيڊنگ جو دارومدار بجلي چوري ۽ نقصان جي شرح تي آهي، بلن جي بروقت ادائيگي لوڊشيڊنگ ۾ گهٽتائي يا خاتمي جو سبب بڻجي ٿي.

هن شهرين کي اپيل ڪئي ته وقت تي بل ادا ڪن ۽ بجلي چوري خلاف تعاون ڪن ته جيئن بجلي جي فراهمي کي بهتر بڻائي سگهجي.

Read Previous

آمريڪا ۾ 9 ڪلاڪن تائين ڪار ۾ بند رهڻ سبب هڪ سال جو ٻارڙو فوت

Read Next

چيٽ جي پي ٽي ٽِڪ ٽاڪ ۽ انسٽاگرام کان اڳتي نڪري وئي

Most Popular