آمريڪا ۾ 9 ڪلاڪن تائين ڪار ۾ بند رهڻ سبب هڪ سال جو ٻارڙو فوت

آمريڪا ۾ هڪ عورت هڪ سال جي ٻارڙي کي ڪار ۾ ڇڏي ڏنو، جيڪو 9 ڪلاڪن تائين ڪار ۾ بند رهڻ بعد فوت ٿي ويو.

پرڏيهي ميڊيا موجب عورت صبح 8 وڳي ڪم لاءِ واشنگٽن اسٽيٽ اسپتال پهتي ۽ پنهنجي هڪ سال جي ٻار کي ڪار ۾ ڇڏيو.

رپورٽن موجب شام 5 وڳي پنهنجي شفٽ ختم ٿيڻ کانپوءِ عورت ڪار ۾ ٻار کي مئل ڏٺو، جنهن کي فوري طور تي ساڳئي اسپتال نيو ويو، پر ڊاڪٽرن سندس موت جي تصديق ڪئي.

پرڏيهي ميڊيا موجب عورت ٻارڙي جي ماءُ نه هئي پر سندس سار سنڀال ۽ پرورش ڪندي هئي.

مقامي پوليس موجب واقعي وقت علائقي ۾ گرمي پد 70 کان 75 ڊگري سينٽي گريڊ هو جڏهن ته گاڏي اندر گرمي پد 110 ڊگري سينٽي گريڊ جي لڳ ڀڳ هو.

پرڏيهي ميڊيا موجب پوليس جو چوڻ آهي ته عورت ۽ ٻارڙي جا خاندان پوليس سان سهڪار ڪري رهيا آهن ۽ في الحال ان واقعي جو ڪو به ڪيس داخل ناهي ڪيو ويو.

Read Previous

رياض جي گهٽين ۾ گهمندڙ هڪ شينهن کي پڪڙيو ويو

Read Next

ڪي اليڪٽرڪ ڪراچي ۾ بجليءَ جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جي ترديد ڪري ڇڏي

Most Popular