موٽر وي اسڪينڊل ڪيس ۾ گرفتار جوابدار وڌيڪ چئن ڏينهن لاءِ نيب حوالي

حيدرآباد جي احتساب عدالت موٽروي اسڪينڊل ڪيس ۾ گرفتار جوابدار اسلم پيرزادو کي چئن ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي نيب حوالي ڪري ڇڏيو.

نيب عملدارن رمانڊ پورو ٿيڻ تي جوابدار اسلم پيرزادو کي احتساب عدالت ۾ پيش ڪري وڌيڪ جسماني رمانڊ جي استدعا ڪئي

جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته گرفتار جوابدار جي نشاندهي تي ٻن ٺيڪيدارن اخلاق شاهه ۽ ذيشان سهتو کي سوگهو ڪيو، ٻنهي ٺيڪيدارن ڊي سي عدنان رشيد ۽ اي سي منصور عباسي سان گڏجي 20 ڪروڙ روپين جي ڪرپشن ڪئي.

جوابدار جي وڪيل دليل ڏنا ته نيب اسلم پيرزادو کان ڪجهه به رڪور ناهي ڪيو، 2 جوابدارن کان کين ڪجهه ڄاڻ ملي آهي، ڪيس سان اسلم پيرزادو جو تعلق ناهي، کيس شڪ جي بنياد تي گرفتار ڪيو ويو آهي، نيب کي پابند بڻايو وڃي ته ڀلي جاچ ڪن پر گهرڀاتين جي تذليل نه ڪئي وڃي.

عدالت دليل ٻڌڻ بعد جوابدار کي 4 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي نيب حوالي ڪري ڇڏيو، 5 جون تي ٻيهر پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.

Read Previous

چيٽ جي پي ٽي ٽِڪ ٽاڪ ۽ انسٽاگرام کان اڳتي نڪري وئي

Read Next

ڪياماڙي ۾ زهريلي گيس سبب فوتگين وارو معاملو، آءِ جي سنڌ عدالت طلب

Most Popular