آءِ سي سي چيئرمين پاڪستان ۾ ايشيا ڪپ لاءِ سڪيورٽي انتظامن جو جائزو ورتو

آءِ سي سي چيئرمين گريگ بارڪلي پاڪستان ۾ ٿيندڙ ايشيا ڪپ جي سيڪيورٽي انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ لاهور پهتو.

آءِ سي سي چيئرمين پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي عملدارن سان گڏ سيف سٽيز اٿارٽي ويو، گريگ بارڪلي ۽ چيف ايگزيڪيوٽو جيف آلارڊائس ڪئميرا کان نگراني جو جائزو ورتو.

مئنيجنگ ڊائريڪٽر محمد ڪامران خان ايشيا ڪپ جي سيڪيورٽي انتظامن بابت بريفنگ ڏني.

آءِ سي سي چيئرمين سڄي شهر ۾ لڳل ڪيمرائن سان رستن جي نگراني ڪئي ۽ سيڪيورٽي انتظامن تي اطمينان جو اظهار ڪيو.

آءِ سي سي وفد کي پاڪستان جو دورو ڪندڙ ٽيمن کي فراهم ڪيل سيڪيورٽي جون وڊيوز ڏيکاريون ويون.

وفد کي ايئرپورٽ، اسٽيڊيم جي رستن، هوٽلن، پارڪنگ ۽ پوليس فورس جي انتظامن بابت بريفنگ ڏني وئي.

وفد کي جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن وچ ۾ تعاون بابت بريفنگ ڏني وئي.

ايم ڊي محمد ڪامران خان چيو ته لاهور ۾ ڪرڪيٽ جا سڪيورٽي انتظام عالمي معيار موجب آهن.

چيئرمين آءِ سي سي چيو ته سيف سٽي لاهور جو انفراسٽرڪچر دنيا جي بهترين نظامن مان هڪ آهي.

هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان اچي سٺو محسوس ڪيو، ڪرڪيٽ لاءِ پاڪستانين جو جذبو ڏسڻ وٽان آهي.

Read Previous

مشهور پلي بيڪ سنگر ڪي ڪي جَي وڇوڙي کي هڪ سال وهامي ويو

Read Next

بابر اعظم آمريڪا ۾ اردو سان محبت جو عملي ثبوت ڏنو

Most Popular